ٻِيائِي بابت
معنيٰ
دوئي، کوٽ، دولاب. دورنگائي، پاسخاطري. بي انصافي. پاڻ کي خدا کان جدا سمجهڻ واري حالت.
Deism, polytheism, discord, separation, disunion, estrangement, matching, pairing.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِيءُ ھيڪِڙائِي حَقُ، ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- کامان پَچان پَڄُراَن، سَڙان سارِي راتِ، ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ، شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ، نَڪِي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين، آءُ چَيائُون اَڄُ، ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئا، ”پاڻان“ چُوندَءِ ڀَڄُ، واڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي آئُون اِتِ نَہ آھِ، ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاھِ، ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- ”آئُون“ سين اِنَ پارِ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ پِئو، إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ، ھيڪِڙِيائِيءَ وَٽِ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون کي پَلِ، ”آئُون“ اورِيان جَهلِ، ”تو“ کي رَسي ”تُون“ ”ڌَڻِي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ صِفَتَ ريءَ ناھِ، اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائِي، آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي، چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]