ٻِيائِي جي سنڌي معنيٰ
دوئي، کوٽ، دولاب. دورنگائي، پاسخاطري. بي انصافي. پاڻ کي خدا کان جدا سمجهڻ واري حالت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Deism, polytheism, discord, separation, disunion, estrangement, matching, pairing.
ٻِيائِي جا بيتن ۾ حوالا
کامان پَچان پَڄُراَن، سَڙان سارِي راتِ،
ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ،
شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ،
نَڪِي ھَٿِ نَہ ساٿِ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھان.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 15 ]

سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين، آءُ چَيائُون اَڄُ،
ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئا، ”پاڻان“ چُوندَءِ ڀَڄُ،
واڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 2 ]

ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي آئُون اِتِ نَہ آھِ،
ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاھِ، ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 3 ]

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]

”آئُون“ سين اِنَ پارِ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ پِئو،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،
ھيڪِڙِيائِيءَ وَٽِ ھارِ، ھَنجُون جٖي ھُئَڻَ جُون.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 5 ]

ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون کي پَلِ،
”آئُون“ اورِيان جَهلِ، ”تو“ کي رَسي ”تُون“ ”ڌَڻِي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 7 ]

صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ صِفَتَ ريءَ ناھِ،
اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 14 ]
اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 14 ]
وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائِي،
آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي،
چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 23 ]