ٻُڌُ بابت
معنيٰ
سُڻ. ڪَنُ ڏي، خيال ڏي، توجھ ڪر.
Listen, hear.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا، ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين، آءُ چَيائُون اَڄُ، ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئا، ”پاڻان“ چُوندَءِ ڀَڄُ، واڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي آئُون اِتِ نَہ آھِ، ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاھِ، ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، رُئَڻُ مُون رِياءُ، بَرَنِ مَنجِهہ بُڪاءُ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻُڌُمِ جيڏِيُون.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ويھِي ويراڳِيَنِ جو، ٻِئي ڏِينھُن ٻُڌُمِ حالُ، اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زَوالُ، اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِئُون، چوٽا چَڱيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]