ٻولِيُون بابت
معنيٰ
ڳالهاءَ، گفتگا. مٺا آواز. لاتيون. پکين جا آواز. پچارون، ذڪر. انجام، قول. زبانون، لسان. زبان جا محاورا.
Languages, speeches, accounts, dialects. The singing of birds, warblings.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا، مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا، ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِئو، سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو، ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو، رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]