ٻولِيُون جي سنڌي معنيٰ
ڳالهاءَ، گفتگا. مٺا آواز. لاتيون. پکين جا آواز. پچارون، ذڪر. انجام، قول. زبانون، لسان. زبان جا محاورا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Languages, speeches, accounts, dialects. The singing of birds, warblings.
ٻولِيُون جا بيتن ۾ حوالا
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا،
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِئو،
سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو،
ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 13 ]
سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو،
ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 13 ]
پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري،
چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو،
رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 14 ]