وِجهي بابت
معنيٰ
داخل ڪري، سوڙھو ڪري، گهيري،
Insert
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ، پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ، جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ، گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ، ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- پَرِينءَ ڀَرِ ڀِيرِين، پَسُ جي پارِ پَوَندِيُون، آڻِئو وِجهي آرَ ۾، وَڏا وَڻَ ويڙِھِين، ميھارُ مُون ميڙيِن، لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- رائي رَھائي، ھَلي مُنڌَ ھَٿَنِ سين، تَرِيُون تَنگَ وَرَنِ ۾، ڇُلِي ڇِنائين، اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، رَھَہ ۾ رُنائِين، سٻاجها سائِين،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ ٻَجهائي ساڻُ وِئو، تَنھِن ڪَڍَ ويندِيَسِ ڪيچَ ڏي، آھي اِيءُ اَنجامُ، ڇالَ ڇَپَرَ جو ڄامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ، اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو ويلو ڪَنھِن نَہ وِجهي، سَمُو تَنِ سَنَڃي، جٖي اَڻَ تِوڻِئا عالَمَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ تَڏاھانڪُون مارُونئين، تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون، حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ماڙِنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي، مارُنِ لاءِ، ڪَرَلَھَندا ڪَڏِھِين، مُنھِنجِي اَچِي ماءِ، سانبِيَڙا سَنداءِ، ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون، پَرِ ۾ پَنوَھارَنِ، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، پائُرِ ۽ پِرِيَنِ، ٻِي نَہ ڪَندِيَسِ ڪَنِ، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ڪوھُ جاڳايَئِي جِنجِرِي، سُتَلَ تو ھَٿُ ھَڻِي، جُھ ڏاڙُون ٻَہ ڏارِيائين، تَہ ويندُئِي وِھُ وَڻِي، جَنِ جو ڌوڄُ ڌَڻِي، تون…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]