وَڻِڪارِ بابت
معنيٰ
ضلعي لسٻيلي جي کيرٿر جبل جي قطار سان گڏ هڪ ماڳ، اها جُوءِ جتان نئن باران اچي ٿي.
A green area of district Lassbela.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين، لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ، ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- تو جو ٻولُ ٻَروچَ، ويھِي ڪِئو وَڻِڪارِ ۾، سوئِي پارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- وارو مُون وَڻِڪارِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏيِين، آھي اَسُونھِن جِي، مَٿي تو مَيارَ، وِڙِھِئا ويراڳَڻِ سين، لَڪَنِ جا…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي پانھِنجي، جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ، وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]