وَٽِيُون بابت
معنيٰ
پيالا، پيئڻ جا ٿانوَ، ڪٽورا
Small kind of metal bowls

بيتن ۽ وائين ۾
- موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ، وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- گهَٽَنِ ۽ گُهٽِڪَنِ، وَٽِيُون پِيَنِ وِھَ سِرِ گاڏُيُون، بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ، اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- اَڃا ٿِي جِيَين، سَڄَڻُ سارِئو نَہ مَرين، وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين، لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ…[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڳَورِيءَ نِينھُن نَہ ڪَچُوئي، سِبي سيبا ڏي، کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، سَتِي سي سِيوي، مَڇُڻِ چَونِمِ ڪي، تَہ لَڄايُئِي ٿَرَ ڄايُون.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]