واحِدُ بابت
معنيٰ
ھڪڙو، ڇڙو، اڪيلو، ھڪ الله (الله سائينءَ جو عربيءَ ۾ نالو)
The singular, lone, alone etc
واحد: (ع) ھيڪڙو، ھڪ.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي، قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ، والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري، واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري، پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي، جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو…[ سُر ديسي - وايون ]
- مَرَڻُ مُسَلِم جَنِ، واحِدُ تَنِ نَہ وِسَرِي، مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ، نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]