واحِدُ جي سنڌي معنيٰ
ھڪڙو، ڇڙو، اڪيلو، ھڪ الله (الله سائينءَ جو عربيءَ ۾ نالو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
واحد: (ع) ھيڪڙو، ھڪ.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
The singular, lone, alone etc
واحِدُ جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 8 ]
واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 8 ]
ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

مَرَڻُ مُسَلِم جَنِ، واحِدُ تَنِ نَہ وِسَرِي،
مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ،
نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 4 ]
مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ،
نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 4 ]
English Meaning
The singular, lone, alone etc
واحِدُ ٻول جا زمرا