نَنڍِي بابت
معنيٰ
ڇوٽي، لاٺي، ٿوري، قليل، تنگ، سوڙهي، ننڍي قدواري، منڌري. مختصر، ٿوري، لاٺيري.
Small, little, short, low, unimportant, junior.
بيتن ۽ وائين ۾
- مارِ مَ مُطِيعَلَ کي، مَجُوسِيءَ کي مارِ، وَڏي جَنگِ مَ وِسارِ، نَنڍِيان نَفَعُ ناھِ ڪِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- نَنڍِيان نَفَعو ناھِ ڪو، وَڏِي وِساري، مَجوسِي ماري، اَصغَرَ ڏي اَچيجِ تُون.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- گُنگي جي ٻُجَهنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو، نَنڍِي وَڏِي ڳالِهڙِي، سَڄَڻَ ٿا سَمجَهنِ، تُون ڪِيئَن اَڳِئان تَنِ، وَڃِئو وِلَلِين واتَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پَکَنِ پوءِ پَچارَ، اَڄُ تَماچِي آيو، نَنڍِي وَڏِي گَندَرِي، پُويو پائي ھارَ، مَرڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيَنِ ٻارَ، وَڏِي ڄامَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- سَمي سامائي، مانُ لَڌو ميئِيين، نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندَرِيءَ، اُڀي اِنَ پَرِئي چايائين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]