نَصِيبَ بابت
معنيٰ
ڀاڳ، قسمت، مُقدر، لِکيو، بخت، حصو، تقدير، ڪَرم، طالع. ممڪن، حاصل، مُيسر. مقرر، مشيت.
Fate, destiny, luck, fortune.
بيتن ۽ وائين ۾
- سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَ سَڃَ ڪِي، جو لِکِئو ھُتِ لَطِيفُ چئَي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ، جي نوازِئا نَصِيبَ، دارونءَ سي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو، دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو، آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مَينڌَرو، پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو، راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان مَنجِهہ نَصِيبَ، مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سيکاري سَھسَ، پُڄِي تِئان پَهَسَ، مُون کي نَصِيبَ نيئِي جَهلِئو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]