ناکُئا بابت
معنيٰ
ٻيڙي ھلائيندڙ، ميربحر، ناخدا، سمنڊ جا بادشاھ
Shipman, Captain, King of oceans
بيتن ۽ وائين ۾
- آھين آرَ اَکِيُنِ ۾، ناکُئا ڪِجِ نِگاھَ، وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِر ڏيئِي ساھَ، مُلاحِظو مَلاحَ، ڪِجِ ڪو اِنِهِيءَ ڪُنَ جو.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ سُمهو، ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، ماٽي مَنجِهہ مَھِي، ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي ناکُئا.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري، اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي، جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا، پيئِي ڪَرَ ڪُنَنَ ۾، اُجهاَڻُو اوڙاھُ، اُچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊي سُتَڙِ ٿِئو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وانءُ وَھِلِي نِڪِرِي، نَنگَرُ جانۡ نَہ کَڻَنِ، مَڇُڻ ڏيھِ وَڃَنِ، نارِيُون پُوري ناکُئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا، نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا، نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان، تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا. ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ. ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.…[ سُر گهاتو - وايون ]