نامُ بابت
معنيٰ
نالو، ڪنھن بہ ساھواري جو نالو، نانءُ، اسم، نالو. لقب، خطاب، سرنامو، اَلَ، ناموسَ، ساراھَ، هاڪَ، نيڪي، شھرت، جَسُ، ڌاڪو، هَڪَل، ناماچار. ڀَرم، ساکَ، آبرو، عزت.
Name, fame, reputation. A noun.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ، پَسَندي پُنُوھَ کي، اَکِيُنِ ڪِئو آرامُ، ناتَرِ چايان نامُ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ، گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ، ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ ڇَڏِ تَمامُ، گولا جٖي گولَنِ جا، ٿِيءُ تَنِ جو غُلامُ، صَبُرُ جي شَمشِيرَ سين، ڪَرِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا ڪِينَ رَضا پَئي، لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ، ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ھَر ھَر ڪَنِ ھَرنامُ، ڌُوَنِ ڏِھاڙِي ڌوتِيا، جَنِ نَہ ريجهايو رامُ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- وِچينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونھِنِ دُوسَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، بيراڳِي بي ھُوسَ، اِيءَ نانگَنِ جِي نامُوسَ، جِيئَن پَٽَ کَڻَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- اَوَلِ نامُ اللهَ جو، مِڙنِئُون مَٿاھُون، ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون، رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پَينامُ، اُنِين کي اِنعامُ، مَڃَرُ مِڙيوئِي ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]