نالي بابت
معنيٰ
نانوَ، اسم. ناموس، هاڪ، ساراھ، نيڪي، مشھوري، جس، ڌاڪي، هڪل، ناماچار، شھرت.
A name, appellation. A noun.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرَھا ڪُرَ سُڃاڻُ، پِيَ ڪو ۽ پانھِنجو، اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ، ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين، نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ، گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- جَتَنِ يارانو، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪونَہ ڪِئو، نالي سُيَسِ ھوتَ جي، مَٿِنِ بارانو، تيلاھِين طَعنو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- نالي نِماڻِي، ٻاجهارِي ٻَروچَ ري، ڪِئائِين سَڱُ سَيِّدُ چئَي، ڄامَنِ سان ڄاڻِي، پاڻِ تَہ پَرٽِياڻِي، ٿِيَسِ حِمايَتَ ھوتَ جِي.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، اَلبيلِيُون ۽ آلي، موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي، سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سِينءَ، پَسَڻَ پَري ٿِئُونِ، آئُون نالي ڳِيِڙي نِجُهران.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون مُھاڻِي مي، کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، حالُ مُنھِنجو ھي، مُون ڏُھاڳُ مَ ڏي، آئُون نالي سُيَسِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]