نازُ بابت
معنيٰ
معشوقي ادا، انداز، غمزو، نخرو، ڪرشمو، تال، ناز نخرو، مٺيون ڳالهيون، چَخن، لاڏُ، ڪوڏ، ماڻو، چاڳ، چالو، چاڳلائي.
Blandishments, coquetry, amorous, playfulness.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَختِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ، ڪي رِندَ پَروڙِينِ رازُ، قَضِيو ڪَربَلا جو.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ، سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ، چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ، نارِيُون…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- گِيرَبُ نَہ گاءُ، مُھاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ، سَمُو سَڀَنِ مُلان، ھِيرِيائِين حِرفَتَ سين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي، تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]