مُوڙِي بابت
معنيٰ
مُورُ. سيڙپ، پونجي، ملڪيت. راس، پدارٿ. ننڍي هَڙَ، ننڍي ڳٺڙي، ڀروٽڙي. بچڪو، بِڊڙي.
Load, investment, responsibilty, baggage, weight.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين، جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين، مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون، وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون، جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ مُوڙِيين، ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ، لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾، وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي، مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، ڪُلَهنِ تي ڪُوڻِيُون، اَنا پِرنِ جُون اُنِ کي، مَٿَنِ تي مُوڙِيُون، اَچَنِ سَنڀُوڙِيُون، سَمي جي…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]