مُنجهائي بابت
معنيٰ
ابتي واٽ ڏيکاري، ڦاسائي، الجهائي.
Diverting, confusing, extracting.
بيتن ۽ وائين ۾
- سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ، لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ، جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي، ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي، سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ، اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- مِيُون مَڱڻَھارَ کي، جَڏھِن مُنجهائي، اُونڌِيُون ڪَري ڀانئي، سَنيُون سِڌِيُون ڳالِهڙِيُون.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- سَنئين سُونھائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي، طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ، اِيءَ اورِئان ئِي آھي، مان تَنُ تِتِ لائي، جِتِ آھِ نَہ…[ سُر آسا - مجازي مام ]
- ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ، پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ، گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]