موڙَ بابت
معنيٰ
چَونر، ٽؤنر، ڦندڻ، جهَالا. چوڙا. سھرا. ڪلاھ. گهوٽ جو شاديءَ جي وقت مٿي تي ٻڌل تاج، مڪٽ، مُٽَڪ، چَٽ، مُنگهٽ. طرا، ڪَلنگيون، ڪُلغيون.
A rubbing of the hair, a twist. Style of turning or forming letters in writing.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُونگَرَ ھَلايومِ، ڏِئو موڙَ مَھارَ جِي، وَسان جي وِئومِ ڪَرَھو تي ڪاموُن سَھي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو، اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا، ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونھارِيءَ جوڙَ، تَر يارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونھَن موڙَ، دَولَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين، مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ، وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ، جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڳَلِ ڳانا مُنھِن ماڻِڪِي، مَيي ٻَجَهنِ موڙَ، جهان جهان جَهمَ جَهڪورَ، ڪَرَھا ڪاڪِ ڌَڻِيَنِ جي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳِيَنِ جوڙَ، ساري سَناسِيَنِ کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ، مَنَ جَنِي سان موڙَ، سي لاھُوتِي لَڏي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ، ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- چيلِهہ چَڪَرَ ڳَلِ سِڱِيُون، مَٿِنِ مُگَٽَ موڙَ، جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ، مُون ويسَرِيءَ وِڃايا.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مُون کي عُمَرَ اُداسِي ڪِئو، وُٺا مِينھَن وَسُون ٿِيُون، ساڻيھَ ۾ سُڄَنِ، کِنوِي کِنوَڻِيَنِ، ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- ٻَڌا موڙَ مَلِيرَ کي، وِڄَڙِيُنِ واري، سُورُ تَنِي جو سُومَرا، مُون کي ٿو ماري، اللهَ اوتاري، مَنَ مارُوءَ جي ميڙِيين.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]