ماٺو بابت
معنيٰ
ماٺيڻو، سانتيڪو، سُن ۾، ماٺ ۾ چُپ ۾، سانت، خاموش، ڍرو، آهستي، گهٽ، ڀِلو، جهَڪو. بي گهُرجو، بي طلبو، ٿورَ گهرجو، ڪُرَسو.
Not in demand, in small demand. Lessened in force, quiet, calm, still.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو، راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن، ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو، ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ، دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ، ٻِئو…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ آھي وِتَرو، وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ، اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- کَرُ کاريندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيَنِ سين، جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ موٽايو.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- مُوران ماٺو نَہ ٿِيي، تازِي جو توڙان، ھاٿِي جي ھِيڻُو وَھي، تَہ گهَڻَ مُلُهو گهوڙان.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]