ماٺو جي سنڌي معنيٰ
ماٺيڻو، سانتيڪو، سُن ۾، ماٺ ۾ چُپ ۾، سانت، خاموش، ڍرو، آهستي، گهٽ، ڀِلو، جهَڪو. بي گهُرجو، بي طلبو، ٿورَ گهرجو، ڪُرَسو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Not in demand, in small demand. Lessened in force, quiet, calm, still.
ماٺو جا بيتن ۾ حوالا
ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو،
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ آھي وِتَرو،
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
کَرُ کاريندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيَنِ سين،
جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ موٽايو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 7 ]
جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ موٽايو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 7 ]
مُوران ماٺو نَہ ٿِيي، تازِي جو توڙان،
ھاٿِي جي ھِيڻُو وَھي، تَہ گهَڻَ مُلُهو گهوڙان.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 2 ]
ھاٿِي جي ھِيڻُو وَھي، تَہ گهَڻَ مُلُهو گهوڙان.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 2 ]
English Meaning
Not in demand, in small demand. Lessened in force, quiet, calm, still.