لُنءَ بابت
معنيٰ
لُونئَن، وارن جي پاڙ، بدن تي بيٺل سنها وار، روم، رڳ.
Small hair on the limbs.

بيتن ۽ وائين ۾
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، جيڏِيُون ڪَري جوڙُ، سَرِئو سُورُ سَرِيرَ ۾، گُهمِيو لاھي گهورُ، لُنءَ لُنءَ ۾ لَطِيفُ چئَي، لَڳو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ، جَڙَ جَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين، ھَڏِ مَ مِلين ھوتَ، لُنءَ لُنءَ مَنجهان لوچَ، تَنَ تُنھِنجِي نَہ لَھي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين، تَنَ مَ مِلين تُون، لُنءَ لُنءَ مَنجهان مُون، لوچَ تُنھِنجِي نَہ لَھي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- رَھِئا اَٿيئِي راتِ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي، لُنءَ لُنءَ مَنجِهہ لَطِيفُ چئَي، ڪَرِ تَنِ جِي تاتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- جُھ سي سَنڀِرَجَنِ، سُهَہ جَنِ سين اورِيان، لُنءَ لُنءَ ھيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ڳَئُون مارِئو گِرِ چَڙِهي، گِرِ چَڙِهئو ڳَئُون کاءِ، ڪيھَرِ پَلاڻِي جي سَھي، تَہ لُنءَ لُنءَ لاکِ وِڪاءِ.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ بَرابَرِ لَکُ، رُپو جَنھِن رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَھِين کي ڪَکُ، مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]