لَکُ بابت
معنيٰ
هڪ سؤ هزارن جو گڏيل عدد، هڪ ايڪي کي اڳيان پنج ٻڙيون ڏنل انگ، ڳڻڻ جو هڪ انگ. گهڻو، جهجهو. ڪيترو، ڪيترو ئي، ڪيتري قدر.
A hundred thousand.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُوندو ھَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو، وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ، سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيمِ چالِيھا رَکُ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين، اَٺَئِي پَھَرَ اَلَکُ، تان تُون پاڻُ پَرَکُ، ھُو سَڀَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرزا ٿِئو، سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا، ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏَ، سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ، لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- لوڏاڻي لَکُ لَھي پاٻوھِئو ڪِروڙَ، اَکڙِيُون ڀَرپُورَ، جٖي سَڃِيينِ توءِ سَھاڳِيُون.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ بَرابَرِ لَکُ، رُپو جَنھِن رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَھِين کي ڪَکُ، مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]