لَٿِيَنِ بابت
معنيٰ
انهن تان لٿي، ختم ٿي، ھلڪي ٿي، بار ھلڪو ٿيو
Have unloaded, become free
بيتن ۽ وائين ۾
- رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ جِي، ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ، اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ڳِجُهنِ ويٺي ڳَرَھِئا، ڏَنجها ڏُکَ گَهڻا، تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جِي، سُورِھَہ ساماڻا، ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِيئَن جَي پُڇَنِ اللهُ، رِڙِھي لَڌائُون راھُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِيئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ، رِڙھِي لَڌائُون، رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]