فَرَقُ بابت
معنيٰ
جُدائي، علحدگي، تفاوت، وڇوٽي، مفاصلو، اختلاف، وڇاندر، ويڇو، ڦيرُ. امتياز، تميز، شناخت. ڪوتاهي، ڪَمي، گهٽتائي. علم رياضيءَ موجب ڪن ٻن انگن جو تفاوت، ڪَٽَ. اُپت، پاڇي، فائدو. ڦوڙائو، فِراق، ويڇو، هُن جُدا ڪيو جدا ڪرڻ جي حالت.
Difference, distance, distinction, alteration, profit, remedy.
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ، تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ، تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ، مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مانجِهيان اِي مَرَڪُ، وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ مَرَڪُ، چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ، وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ، آھي مُسغَرَقُ، عالَمُ اِنَھِيءَ ڳالِهہ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]