عَرَبَ بابت
معنيٰ
سعودي عرب. ايشيا کنڊ جي هڪ ملڪ جو نالو. مسلمانن جو پاڪ ملڪ جنھن ۾ ڪعبة الله شريف ۽مڪو ۽ مدينو آهن.
Saudi Arabia, officially the Kingdom of Saudi Arabia, is a country in Western Asia.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِهہ ڪَتَنِ، سُٽُ اُنِهين جو سَفِرو، مَٽِئو ماڻِڪَنِ، قادِرَ ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلِهي ٿُلِهي وارِيُون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو، مُوران مُسلِمانُ، اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ، اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهَنِ، بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، اَکِيُون رَتُ رُئَنِ، اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اَچَنِ، مُون…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]