عَرَبَ جي سنڌي معنيٰ
سعودي عرب. ايشيا کنڊ جي هڪ ملڪ جو نالو. مسلمانن جو پاڪ ملڪ جنھن ۾ ڪعبة الله شريف ۽مڪو ۽ مدينو آهن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Saudi Arabia, officially the Kingdom of Saudi Arabia, is a country in Western Asia.
عَرَبَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِهہ ڪَتَنِ،
سُٽُ اُنِهين جو سَفِرو، مَٽِئو ماڻِڪَنِ،
قادِرَ ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلِهي ٿُلِهي وارِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 24 ]
سُٽُ اُنِهين جو سَفِرو، مَٽِئو ماڻِڪَنِ،
قادِرَ ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلِهي ٿُلِهي وارِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 24 ]
ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو، مُوران مُسلِمانُ،
اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ،
اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 29 ]
اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ،
اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 29 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهَنِ،
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، اَکِيُون رَتُ رُئَنِ،
اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اَچَنِ،
مُون کي خَبَرَ خَيرَ جِي، سَندِي ڏيھَ ڏِيَنِ،
آرو اَکَڙِيُنِ، آھي عَرَبَ پارَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 8 ]