صُبوحِ بابت
معنيٰ
سج اُڀرڻ جي مھل، صُبح ، صَباحُ.
At morning.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو، پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو، وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- راڻِي ريٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪِڙو، لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، مانجِهي موچارو، صُبوحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙندو ڪَرَھو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان اَچَنِ، ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ، وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ صُبوحِ، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.[ سُر پورب - جوڳي ]