صُبوحِ جي سنڌي معنيٰ
سج اُڀرڻ جي مھل، صُبح ، صَباحُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
At morning.
صُبوحِ جا بيتن ۾ حوالا
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو،
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
راڻِي ريٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪِڙو،
لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، مانجِهي موچارو،
صُبوحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙندو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 20 ]
لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، مانجِهي موچارو،
صُبوحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙندو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 20 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان اَچَنِ،
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 21 ]
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 21 ]
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ صُبوحِ،
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.
[ سُر پورب، جوڳي، 5 ]
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.
[ سُر پورب، جوڳي، 5 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ،
صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ،
ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 7 ]
صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ،
ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 7 ]
بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون،
اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ،
ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ،
راڻِنِ وَرِي روءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 12 ]
اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ،
ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ،
راڻِنِ وَرِي روءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 12 ]
English Meaning
At morning.