صُبوحَ جي سنڌي معنيٰ
سج اُڀرڻ جي مھل، صُبح ، صَباحُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Morning, time of sunrising.
صُبوحَ جا بيتن ۾ حوالا
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي کُوھَ،
پَسِي مُنھُن ساھَڙَ جو، راضِي ٿِيندَنِ رُوحَ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُبوحَ، پَرَچِي پارِ لنگهندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 30 ]

وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي،
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]

صُبوحَ تائِين سُورَ، ڪيرَ سَھَندِي سَرَتِيُون،
گهُٽِيان رَھَنِ نَہ گَهٽَ ۾، پيغامَنِ جا پُورَ،
آئُون مُيائِي مَنظُورَ، ھِينئَر ھَلَندِي ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 6 ]

شَبان شَب ساٿَ پَلاڻِئو، لِکَ نَہ جاڳِيئَن لَيلَ،
نِماڻِيءَ کي نَومَ جا، نيڻين پِيَڙا نيلَ،
ھئَي ھئَي ھَبسايُون ڪَرِيين، اَزدَرِ نَہ اِيندَءِ ايلَ،
ساجُهرِ وَقتِ صُبوحَ جي، پَلٽِئو پُونِ پَيلَ،
ٿِي واويلا جِي ويلَ، ٿِي سَسُئِيءَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 6 ]

پُنهونءَ جي پاٻوھَ، آن جي ڏِنِي جيڏِيُون،
سَنجهي ۽ صُبوحَ، ھُوندَ نَہ وِيانؤَ وِسَرِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 21 ]

صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا دُکائي دُورِ،
ٿِئا ڏيٺارِئان ڏُورِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 17 ]

صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ،
ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ،
جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 18 ]

رامُ رَھِيُنِ ۾ رُوحَ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو،
سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِئَڙَنِ مُوھَ،
سامِيَنِ جا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 3 ]

ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،
صُبوحَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي، واڳَ نَہ ڏِجي وَسُ.
[ سُر ديسي، وايون، 16 ]

صُبوحَ جو سُڀِراجُ، ڪَرِ داتا جي دَرَ تي،
سَندو ڪوجَهنِ ڪاڄُ، آھي حاتِمَ ھَٿَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 34 ]