شَرَمُ بابت
معنيٰ
لَڄَ، لِيھَ، حَياءُ، ڦِڪائي. ندامت. غيرت. حجاب. لحاظ، خيال، ديد.
Shame, modesty, bashfulness.
بيتن ۽ وائين ۾
- رانجها وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان، ماھِي وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان. اَو اي آندِي ٻانِهي وو مَين، تيڏَي واسِطي رَھِيان، ري…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي، ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ، پَسِي سَخِتِي سَمُنڊَ جِي، ماندا…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ، عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ، ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ، جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- سوڍا شَرَمُ جَنِ، موٽِي آيو مُنھَن ۾، سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِئو عَيبَ اَڳِيان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]