شَرَمُ جي سنڌي معنيٰ
لَڄَ، لِيھَ، حَياءُ، ڦِڪائي. ندامت. غيرت. حجاب. لحاظ، خيال، ديد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shame, modesty, bashfulness.
شَرَمُ جا بيتن ۾ حوالا
رانجها وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان،
ماھِي وو مَين تَيڏَڙِي آھِيان.
اَو اي آندِي ٻانِهي وو مَين، تيڏَي واسِطي رَھِيان،
ري وو مَين پَئِي وو مَينُون نالِ وِسارِ نَھِين،
چيٽَڪُ لايا وو مَينُون، ڪُوڪَ ڪَنھِن سُڻِوايا تَينُون،
شَرَمُ شانُ سوئي تَينُون نامي واسِطي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 12 ]

پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ،
ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ،
جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 4 ]
ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ،
جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 4 ]
سوڍا شَرَمُ جَنِ، موٽِي آيو مُنھَن ۾،
سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِئو عَيبَ اَڳِيان.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 19 ]
سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِئو عَيبَ اَڳِيان.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 19 ]
تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ،
عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن نِھوڙِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 1 ]
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ،
عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن نِھوڙِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 1 ]
جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي،
ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ،
پَسِي سَختِي سَمُنڊَ جِي، ماندا ٿِئا مَلاحَ،
شَرَمُ رَکِين تُون شاھَ، لائِق لاڄي جا ڌَڻِي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 8 ]