سِگها بابت
معنيٰ
جَلد، تڪڙا، سگهہ ڀريا. ٺَھ پَھ، سيگهہ ۾، پَلڪ ۾، يڪدم، فورا، جهٽ پٽ، تيز، جلدي، تُرت، تڙي کڙي، يڪدم.
Quick, speedy, quickly, speedily, expeditious.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي نَہ ڪِئائُون، جٖي پَندِ پارِئائُون، تَہ سِگهائِي سَگها ٿِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ، مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ، ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي، پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ، ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين، پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ، صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا رَنگَ رَتولَ ، تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ، جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]