سُڪي بابت
معنيٰ
خشڪ ٿئي، سُوٽُ ٿئي، ٺوٺ ٿئي، ڦڪري ٿئي. اُساٽجي. بند ٿي وڃي، نہ وهي. سنهي ٿئي، اڀرو ٿئي، ڪمزور ٿئي.
Become dry, arid, close.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي سانباھَ ۾، ڪَکَ ڪانڊيراَ ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ، نَڪو ساھَڙَ سَڏُ، نَہ ڪا سُڄي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سُڪي ھُئَڙا گَڏُ، ٻانڊَ مِڙيئِي ٻيٽَ ۾، جَڏھِن ساوَڻَ ٿِيُنِ سَڏُ، لُڙِھِيُ لَهِوارا ٿِئا.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ساھَڙُ سُڪي ۾ ٿِئو، پاڻِيءَ ۾ پُنُون، سَندو ڪَچَ ڪُنو، تَرِي تَرَندو ڪيتِرو.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- اَلا جُنگَ جِيَنِ، اَجهي جَنِي گهارِيان، شالَ مَ سُڪي وِيَرِي، جِئائِين پِيَ پِيَنِ، مَرَڪَڻُ اَکَڙِيُنِ، جَنِ ڏِٺِي مُون ٿِئي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، ھَنجَ تَہ ھَرِيوئِي پيرُ، ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]