سُونھارا بابت
معنيٰ
سونھن وارا، سوڀيا وارا، سھڻا، حَسين.
Beautiful, pretty.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻاجَهہ، وَکَرُ تَنھِن وِصالَ جو، کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ، اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ، گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ، جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ، ڪُلَها…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا، مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا، سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا، ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھاڙھي ھيٺِ لَڳا، سَڄَرَ پيرَ، تازا پيرَ پِريان جا، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏُونگَرِ ڏِينھَن تَتا، سُونھَن سُونھارا مُنھَن موچارا، آن…[ سُر ديسي - وايون ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ، جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ کي، آيُسِ تُنھِنجي دَرِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڪا مُنھِنجِي ڪَرِ، ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پَينارَ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]