سُورا بابت
معنيٰ
(بھادرن ۽ سورهين جي) گوشت جا ٽڪر
Flash pieces of bravehearts.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا، سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي، پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي، اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَڌُ، سُورائِتِي سَندِرو، ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو، ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- سُورائِتِي سَڏَ، ڪَري سَڏَ سُورَنِ کي، سُورَنِ ڀَڳَسِ ھَڏَ، سي پُڻ سيڪي سُورَ سين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ، مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ، ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ظييَئُون ظاھِرُ ذَوقَ سين پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا، ھَلَنِ واٽَ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙھا، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، پُورَڀَ ۾…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڳَرِيُنِ مَ ڳَرَھيجِ، روئِي ڪِجِ مَ پَڌِرا، تان سُوراڻِي سَھيجِ، جانۡ لاھِيندڙُ ڪو لَھين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- پائُران پيھِي آيا، مارُو مَلِيران، ڇُٽا سُون سُوران، هائُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]