سُرِڪِي بابت
معنيٰ
ڍُڪَ. چُڪو، ٻُٽو، ذرو، ٿورو، چُڪِي
Sip, sup, slurp
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ، مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ، جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي، قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي، سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- موکِيءَ مَٺو نَہ گهُرِئا، وِھَ نَہ وِھاٽِئا، سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِّدُ چئَي، اُتي ٿي آٽِئا، جٖي ڳالِهيُنِ ڳڱاٽِئا، تَنِ جُون بَٺِنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين ڪِيئَن، ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ، اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- کامان پَچان پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان، تَنَ ۾ تَؤُنسَ پِرِيَنِ جِي، پِيان نَہ ڍاپان، سَمُنڊُ مُنھِن ڪَرِيان، توءِ سُرِڪِيائِي نَہ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان، زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- موران موٽَڻَ مِيهَڻون، نُوڻِي نانگَ نَہ ڪَنِ، ڪارايَلَ ڪارَنِ کي، ڳارا ڪِئو ڳِهَنِ، وٽِيين وِھُ پِيَنِ، سِڪَ سُرِڪِيين نَہ لَھي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]