سُئا بابت
معنيٰ
ٻڌا، سُڻيا، سمڌا، ڪنين نہ پيا
Heard, listened, sensed
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا، ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا، تِھان پوءِ سُئا سُهڻِيءَ سَڏَ ميھارَ جا.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- جٖي سُئا نَہ ٻُڌا، سي ڪِيئَن پِرِين پَسجَنِ، قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جَي ڪَرمُ ڪَنِ، اَنگُ مَٽائِي اڳِيُون،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ، مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو، ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي، سُتي سُئائِين، موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين، ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا، ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُوحِ تان نَہ سُئا، ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ميرا پَسِي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ ڪِئا، سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]