سَڳَڙا بابت
معنيٰ
ڌاڳا، ڏوريون، سُٽَ وغيرہ جون تَندُون. سينگار لاءِ سُٽَ جي تَند جا زيورُ. ڪَرائيءَ ۾ ٻَڌڻ جا ڏاڳن جا زيَور.
Twisted thread, twines. ornamental threads for wearing in wrists or neck.

بيتن ۽ وائين ۾
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون، پَٽولا پَنوَھارَ کي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون، وَرُ لوئِيءَ لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامِ جَا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ بَرابَرِ لَکُ، رُپو جَنھِن رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَھِين کي ڪَکُ، مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون، سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون، عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]