سَڳَڙا جي سنڌي معنيٰ
ڌاڳا، ڏوريون، سُٽَ وغيرہ جون تَندُون. سينگار لاءِ سُٽَ جي تَند جا زيورُ. ڪَرائيءَ ۾ ٻَڌڻ جا ڏاڳن جا زيَور.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Twisted thread, twines. ornamental threads for wearing in wrists or neck.
سَڳَڙا جا بيتن ۾ حوالا
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون،
پَٽولا پَنوَھارَ کي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون،
وَرُ لوئِيءَ لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامِ جَا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 3 ]

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ بَرابَرِ لَکُ،
رُپو جَنھِن رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَھِين کي ڪَکُ،
مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ نَہ لائِيان تُنھِنجو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 4 ]

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 6 ]

لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]