سَنڌو بابت
معنيٰ
حَد، نشان، دنگ، سرحد. پڇاڙي، ڇيڙو، انت، ڇيھُ. ناغو، وٿي، وڇوٽي، تفاوت، ڳنڍ. ڪن ٻن شين جي وچ ۾ نشاني طور پيل شيءِ. سُڃاڻپ.
Boundary, frontier, limit, restriction, extremity, interval, distinction. A mark put in a book to distinguish a place. A red or black mark from a blow. A joint.
بيتن ۽ وائين ۾
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ، نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ، دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري، روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ، عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ، عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَھي جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ، کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪاتِيءَ جِھَڙِيءَ ڪارِ، کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، چاڪَ وِجَهنِ ٿِيُون چارِ، ساجَنَ سَنئُون نِھارِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو مُون نَہ گُهرِجي ماھُ، سامِي مُنھِنجو ساھُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]