سَمَرُ بابت
معنيٰ
مُسافِرِي جو سامانُ، ٽَپَڙُ ٽاڙِي، توشو، وجُودات، ذَخِيرو. اَسبابُ، رَسَدُ. سامانُ مھيا ڪرڻ جيترو خرچُ، راهَ خرچُ.
Provisions for a journey or money for providing them. Means, provisions.
بيتن ۽ وائين ۾
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، نَہ مُون ساڻُ سَمَرُ، سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ، جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- سَمَرُ نَہ جَنِي ساڻِ، ھوتُ حِمائِتِي تَنِ جو، ڇَنا اَڏِبا ڇَپَرين، اِيندو پُنهون پاڻِ، ٿِيندِي رُوحَ رِھاڻِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- اُلَھِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ، سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ، ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ھوتَ ھَلَندي جي ڪِيُون، مُون سين ڳالِهڙِيُون، ھاڙِھي وِندُرَ وِچَ ۾، سَمَرُ سي ٿِيَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي پِرِينءَ پُڄاڻا…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي ڪاڪِ جي، تُھان چَڱيرا چَلِي وِئا، راڻا اِنَهِين راھِ، ڀَؤُ ڀَلَنِ آھِ مُومَلَ جي مَنزَلَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، سُمَهنِ ڪِينَ پَئِي، سَمَرُ ڪِئائُون سُڃَ جو، ڏوري ڏُٿُ لَھِي، وِئا تِتِ وَھِي، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ، آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ ساٿِئا، ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي، ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]