سوڍِيُون بابت
معنيٰ
سوڍا قبيلي جون مايون، مينڌري جي ذات واريون، راڻي سوڍي وارن جون عورتون
Women of Sodha community, female relatives of Rano, members of Rano tribe.
بيتن ۽ وائين ۾
- سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ، اَگرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ، اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مَٿي تاڪَ تَڙَنِ، ٻاٽَنِ لاھُوتِي لَطِيفُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا ڪَنھِن نَہ مالَ، سوڍِيُون سِجهائي ھَلِئا، ھَئَي تَنِي جي حالَ، جٖي ڇورِنِ ڏِنا ڇالَ، تَہ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي لَکَ، پايو پِٽِينِ ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ، پيئِي اِيءَ پَرَکَ، تَہ سوڍِيُون سِجهائِي ھَلِئا.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]