سوڍِيُون جي سنڌي معنيٰ
سوڍا قبيلي جون مايون، مينڌري جي ذات واريون، راڻي سوڍي وارن جون عورتون
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Women of Sodha community, female relatives of Rano, members of Rano tribe.
سوڍِيُون جا بيتن ۾ حوالا
سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ،
اَگرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ،
اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مَٿي تاڪَ تَڙَنِ،
ٻاٽَنِ لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، پَسَڻَ لاءِ پِرِيَنِ،
اِجهي ٿا اَچَنِ، ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 3 ]

ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا ڪَنھِن نَہ مالَ،
سوڍِيُون سِجهائي ھَلِئا، ھَئَي تَنِي جي حالَ،
جٖي ڇورِنِ ڏِنا ڇالَ، تَہ لاھُوتِي لَنگِهي وِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 16 ]
سوڍِيُون سِجهائي ھَلِئا، ھَئَي تَنِي جي حالَ،
جٖي ڇورِنِ ڏِنا ڇالَ، تَہ لاھُوتِي لَنگِهي وِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 16 ]
اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي لَکَ،
پايو پِٽِينِ ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ،
پيئِي اِيءَ پَرَکَ، تَہ سوڍِيُون سِجهائِي ھَلِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 18 ]