سارَنگُ بابت
معنيٰ
جهڙالِي مندَ، جهڙ، ميگهہ، جهڙالو، مَلهار، ڇَمر. اَبر، ڪڪر، بادل. سانوڻ موسم. ھڪ راڳ جو نالو.
Cloudiness, cloudy season. Name of a raga.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان، کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ، سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون، اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري، وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ، سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ، اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ، تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ، ٻِجُ کَڻِي…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]