رِدا بابت
معنيٰ
چادر، اوڍڻي، پوتي.
An upper garment of fine linen unsewn or in one piece (or sewn, if made of other cloth) reaching to the middle of the leg. Shawl.
بيتن ۽ وائين ۾
- جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ ، حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ، سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾، کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ، آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- داسا داڪا دارِي، ھَندارِي ھئا مِ، ھَرِداسا ھِنَ حالَ جا، ھِتي ھوتَ ڏِٺامِ، پِذيرِي ايذِحامِ، پائِي پيچُ پِرِيتِ جو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ، رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ، قُربُ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ، سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ، راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ، چوڏِسِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]