رُوپُ بابت
معنيٰ
مُھانڊو، مُکُ، مُکِڙو، مُھَڙُ، ٻُوٿُ. ڊَؤلُ، آڪارُ، گهاٽُ، ڍَنگُ، آچارُ، ويسُ، بانو، نمونو، ريت، طرح، طريقو. سُونھن، خُوبِي، حُسنُ، سوڀيا، خوبصورتِي، خوبِي، نِزاڪَتَ، سُھڻائِي، جَمالَ، شوڀا، جوڀَن. رنگ.
Form, shape, beauty, mode musical.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ، مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ، کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- جوڀَنُ جانِبَ لاءِ، نيئِي وِجُهہ نِڪُوجَ ۾، روئِي رُوپُ وِڃاءِ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما کَنيا کَنگهارَ، نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ، مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ، ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ، ڍِٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ صِفَتان نُورُ، جِتي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَہ رُوپُ ھو.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- بُکَ اُنِھِين جِي بِکِئا، ڌُوڙِ اُنِهين جو ڌُوپُ، ڪِئائُون سوئِي رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِيي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]