رَڱِ بابت
معنيٰ
رنگ سان، رنگ ۾
With or in the color.
بيتن ۽ وائين ۾
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، آيا نَہ موٽِي، ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي، آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو، سَھائِي سِياھُ، مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ، پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون، روئِي رَڱِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون، مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ چَرُون جِتِ چَڙَهنِ، ڳُوڙِھي رَڱِ رَچَنِ، پانَ وارِيۡ پِڪَ سين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا، پِرِيَنِ جي پاران، راتِ رَڱِجِي آيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ جي، سيڻَ پِہ ڪَندِيُون سي، مُورَتَ جَنِ جي موھِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ، سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ، ھِي ڇارُون ۽…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]