رَمِي بابت
معنيٰ
گهمي، ڦري، روانو ٿي، رخصت ڪي. ڀڄي، ڊوڙي. گم ٿي، وڃي، لمي. کيڏي، راند ڪري.
Roaming, going, running, reached there.
بيتن ۽ وائين ۾
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ مَ نَہ سَھي، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون، تَنِي لَڳي مَ ڪَسُ، جي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون، لالائِيءَ جِي لَطِيفُ چئَي، ڪا نَہ رَھِيَنِ ڪَسُ، ھِتِ بِہ رَھِيُنِ رَسُ، ھُتِ…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- اَڃا ڪي آھِينِ، جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ ۾، نِيو لِڱ لائِينِ، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ مان، لَڏي وَيُون لوءِ، ھاڻي ھِنھان پوءِ، لَنڊِيُون رَھَنِ لَبَ ۾.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، رَمِي وِئَڙا راتِ، بي تَرَسُ بَلوچَنِ جِي، جِيجان گهَڻِي ذاتِ، آئُون پيرَ کَڻان پِرڀاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ، وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي، چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي، نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي، ڪونِهي ٻِئو…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]