دِيدارَ بابت
معنيٰ
نظر، نگاھ، نِرت، ڏسڻ جي حالت، ڏسڻي، ڏيکاءَ، ڏيک، ڏيکارو. درشن، درسَن، جلوا، شڪل، صورت، ڊول، رُوپ، مُنهُن، مُهانڊا، مُکڙا. گڏجاڻيون، ملاقاتون، ميلاپ.
Appearance, form, seeing, meeting.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، آھي ۾ آزارَ، ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ، توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ، ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو زِينَ، ھُئا جٖي اَمِينَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ ؟ جانِبَ مَنجهان جِيئَن، مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]